امام اوزاعي سنڌي

امام اوزاعي سنڌي: امام اوزاعي، سنڌي نسل جو بزرگ هو. سندس اصل نالو عبدالرحمان بن عمرو هو، جيڪو 88 هه/706ع ۾ ڄائو. علامه ذهبي ۽ ابن حجر لکن ٿا ته هن بزرگ جو خاندان سنڌ ۾ نهايت معزز ۽ ديني ڪارنامن ڪري اعليٰ سمجهيو ويندو هو. ان کان پوءِ ان جو خاندان سنڌ جي قيدين ۾ شامل ٿي شام ۽ اندلس پهتو.
امام اوزاعي، فقہ جي هڪ شاخ جو باني آهي. شام ۽ اندلس ۾ وڏي عرصي تائين سندس پوئلڳن جو ڪيترو ئي تعداد رهيو.
امام اوزاعي سڄي زندگي علم ۽ دين جي خدمت ڪندي گذاري. کيس ”شيخ الاسلام“ جي لقب سان سڏيو وڃي ٿو. امام اوزاعي ۽ امام اعظم ٻئي همعصر هئا. امام اعظم هن بزرگ جو قدر ڪندو هو ۽ سندس علم جو معترف هو. امام اوزاعي 15 ربيع الاول 156هه/772ع ۾ وفات ڪئي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0706.00.00  عيسوي

امام اوزاعي سنڌي 706ع ۾ ڄائو


0722.00.00  عيسوي

امام اوزاعي 772ع ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بهادر خان ازبڪ
برڪت علي خان
شيخ قائم خان خانبهادر
اي بي صدا لاشاري
عبدالقادر ملڪاڻي
جانڻ چن
سوامي گرمکداس مهراج
زين نوراني
راحيلا شر
ڀٽو محمد اسماعيل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون